حب ندي

حب ندي

حب ندي

حب ندي: حب ندي ڪراچيءَ کان ست ڪوهه پري پٻ جبل جي اتر واري قطار وٽان بلوچستان جي حد مان هلي ٻه سؤ چاليهه ميلن تائين پٽ پُسائيندي ڪراچيءَ جي پريان ڪيپ مانز (راس ڪماريءَ) وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. حب ندي ماضيءَ جي قديم سنڌ مان ۽ هينئر سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد وٽان وهي سمنڊ ۾ پوي ٿي. يعني حب نديءَ جو اوڀر وارو پاسو سنڌ ۾ ۽ اولهه وارو پاسو هن وقت بلوچستان ۾ آهي. حب نديءَ جو دارومدار کيرٿر جبل تان هيٺ ڪرندڙ پاڻيءَ تي آهي، جڏهن کيرٿر ۽ بلوچستان جي ٻين جبلن تان پاڻي مختلف نئين جي صورت ۾ گڏ ٿي حب نديءَ ۾ پوي ٿو، تڏهن حب نديءَ جي پاڻيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. حب ندي سنڌونديءَ کان به وڌيڪ تيز وهندڙ ندي آهي.


لفظ حب نديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو